امر فياض ٻرڙي جي سائيٽ تي اوهان کي ڀليڪار ڪجي ٿوبند ڪريو

سنڌي شاعري

بيت رنگ

ڪيڏي پنهنجي ڪوشش آ ته ڳالهائيون سرڀاٽن ۾

پر چور آواز ٿو چغلي کائي چوڙين جي ڇڻڪاٽن ۾.

hghfjf ()

ڪجھ هائيڪا

ايڏو چپ آنءِ سو ڇو؟

ڏسين نه ٿو سونهن لاءِ

متل آ رونشو!

............................

خالي هن سند،

اهڙي آئي آ ڪا

نڀاڳي مند!

hghfjf ()

پنج سٽا

پَن ڇَڻ جِي هِيءَ مُندَ اَو پيارا

جُواني منهنجي ڪِيئَن سَهي ٿِي

ڇا ٿِي پَئي جو گڏجِي گھارين

پَروڪَي وانگر سِياٽِيَل سِيارا،

اِئين ڳالهه ته ڪانه ٺهَي ٿِي!

.....................

hghfjf ()